حيدرآباد (سني سليم سولنگي) سي ٽي ڊي حيدرآباد ڄامشوري ۾ ڪارروائي ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم ايس آر اي سان آهي، جوابدار جي قبضي مان پسٽل، فنڊنگ جي رقم، رسيدون ۽ ٻيا ثبوت هٿ آيا آهن. ترجمان موجب گرفتار جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته هو دهشتگردن جي مالي مدد ۽ سنڌ ۾ دهشتگردي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فنڊنگ ڪندو آهي. سي ٽي ڊي ترجمان وڌيڪ چيو ته گرفتار جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.