واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ڪينيڊين شهري جي قتل ۾ ملوث ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ هرديپ سنگهه نجر جي قتل واري واقعي جي جاچ ۾ ڪينيڊا سان سهڪار ڪري. انٽوني بلنڪن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ڀارت اها ڳالهه يقيني بڻائي ته واقعي ۾ ملوث ڪردارن جو احتساب ڪيو وڃي. هن چيو ته هو ان معاملي تي ڀارت ۽ ڪينيڊا سان رابطن ۾ آهي، اهو اهم آحي ته جاچ مڪمل طئي ۽ ان جا نتيجا نڪرن. انٽوني بلنڪن وڌيڪ چيو ته امريڪا عالمي جبر کي گھڻو سنجيدگيءَ سان وٺندو آهي، ڀارت ڪينيڊا سان مڪمل سهڪار ڪري.