نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) نگران وزير اعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان جو موقف ڀرپور نموني پيش ڪيو آهي. نيويارڪ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ هو ته ڪشمير، موسمي تبديلين ۽ فلسطين جي حوالي سان پنهنجو موقف پيش ڪيو، سندس دورو تمام گهڻو ڪامياب رهيو آهي، عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون فائديمند رهيون. نگران وزير اعظم چيو ته پاڪستان ڏهاڪن کان ڀارتي دهشتگردي جو شڪار آهي، ڀارتي رياست مني پور ۾ عيسائين سان خراب سلوڪ ڪيو، ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻ کي بيرحماڻي طريقي سان قتل ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته هنن هميشه افغانستان جي خودمختاري جو احترام ڪيو آهي، هو پنهنجي سرزمين جو دفاع ڪرڻ ڄاڻن ٿا، انوار الحق ڪاڪڙ افغانستان سان تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ايراني صدر سان مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن. نگران حڪومت مهانگائي جي خاتمي لاءِ کنڊ ۽ ڪڻڪ مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي آهي، هن وقت ملڪ ۾ اٽي، کنڊ ۽ ڪڻڪ جي ڪابه کوٽ نه آهي، جيڪو به قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو ان خلاف سخت ايڪشن ورتو ويندو، ڪنهن به سياسي جماعت کي سياسي عمل کان نه پيو روڪيو وڃي. نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ٻين ملڪن جا سيڙپڪار پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن، پاڪستان جا امريڪا سان مضبوط لاڳاپا آهن.





