نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان پرامن لاڳاپا چاهي ٿو، افغانستان ۾ امن سان ئي خطي ۾ امن قائم ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ افغانستان جي ڌرتي استعمال ٿي رهي آهي، داعش ۽ ٽي ٽي پي پاڪستان تي حملا ڪري رهيا آهن. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته موسمياتي تبدلي ۽ ڪورونا سبب معاشي بحران پيدا ٿيو، دنيا کي گڏجي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سبب وڏو نقصان ٿيو، جنهن جي بحاليءَ لاءِ 13 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڀارت سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو، ڀارت سان امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ضروري آهي. انوار الحق چيو ته افغانستان ۾ انساني امداد جو سلسلو جاري رهڻ گهرجي، افغانستان ۾ امن پاڪستان لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي ۽ دهشتگرد تنظيمون افغان ڌرتيءَ تان پاڪستان تي حملو ڪن ٿيون، پاڪستان سرحد پار حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو ۽ اميد ته ڪابل حڪومت ان مسئلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. نگران وزيراعظم چيو ته اسلامو فوبيا خلاف گڏيل قومن ٺهراءُ منظور ڪيو آهي، هاڻي ان تي سختيءَ سان عمل جي ضرورت آهي، اسلامو فوبيا سبب سڄي دنيا ۾ مسلمانن تي حملا ڪيا پيا وڃن، نائن اليون بعد اسلامو فوبيا جي واقعن ۾ اضافو ٿيو. انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته آزاد فلسطين قائم ٿيڻ وچ اوڀر جي امن جي ضمانت آهي، يوڪرين سميت 50 ملڪ جنگ سبب متاثر آهن. نگران وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ غربت ۽ بک وڌي رهي آهي، بحرانن تي ضابطو آڻڻ لاءِ امداد جي ضرورت آهي، معاشي طور مستحڪم ٿيڻ لاءِ گڏيل قدمن جي ضرورت آهي.