ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي پير آباد ۾ مڙس گولي پنهنجي نوجوان زال کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪٽي پهاڙي پراچا قبرستان ڀرسان گهر اندر جوابدار عبدالنبي پنهنجي زال کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو. پوليس موجب، جوابدار عبدالغني کي پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولا گلريزه جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته جوابدار کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.