نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلانيءَ امريڪا، روس ۽ يورپي يونين جي اڳواڻن سان ملاقات کان علاوه اهم اجلاسن ۾ به شريڪ ٿيو. امريڪي شهر نيويارڪ ۾ جاري گڏيل قومن جي  جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي سائيڊ لائين ۾ نگران پرڏيهي وزير امريڪي پرڏيهي کاتي جي سينيئر صلاحڪار ڊيرڪ شوليَ ۽ رسوي هم منصب سرگئي لاروس سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن سان ملاقات دوران جليل عباس جيلاني گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلانيءَ جي پرڏيهي معاملن ۽ سڪيورٽي پاليسيءَ بابت يورپي يونين جي اعلى نمائندي سان به ملاقات ٿي جنهن دوران يورپي يونين ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻن طرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نيويارڪ ۾ جليل عباس جيلاني آرگنائزيشن آف اسلامڪ کي آپريشن ۽ ڪانفرنس آن انٽر ايڪشن ڪانفيڊنس بلڊنگ جي پرڏيهي وزيرن واري اجلاسن ۾ به شريڪ ٿيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here