اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻو نظر ثاني ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 28 سيپٽمبر ٻڌڻي ڪندي جڏهن ته جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس اطهر من الله بينچ ۾ شامل هوندا. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف آبزرويشن ڏني هئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس مشير عالم تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ 2019 ۾ فيض آباد ڌرڻي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو هو. گهرو وزارت سميت متاثر ڌرين 15 اپريل 2019 تي نظرثاني درخواستون داخل ڪيون هيون. فيض آباد ڌرڻي ڪيس جي فيصلي کانپوءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ريفرنس به داخل ڪيو ويو. پي ٽي آءِ ۽ شيخ رشيد طرفان نظرثاني درخواست داخل ڪئي وئي هئي.