نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته ثبوت موجود آهن ته ڀارتي ايجنٽ ڪينيڊا جي سرزمين تي هڪ ڪينيڊين جي قتل ۾ ملوث آهي، ڀارت احتساب ۽ انصاف جي فراهمي يقيني بنائڻ لاءِ ساڻن گڏجي ڪم ڪري. نيويارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جسٽن ٽروڊو جو چوڻ هو ته سـِک عليحدگي پسند اڳواڻ هرديپ سنگهه جو قتل هڪ سنگين معاملو آهي، سک اڳواڻ جي قتل واري معاملي جو سنجيدگي جائزو وٺي رهيا آهن. هن چيو ته انصاف جي ڪارروائي کي اڳتي وڌايو ويندو، ڪينيڊا ڀارت لاءِ مسئلا پيدا نه پيو ڪري، هي معاملو قانون جي حڪمرانيءَ جو آهي، ڪينيڊا ۾ انصاف جو سخت ۽ آزاد نظام موجود آهي، هو يقيني بڻائيندا ته ڪينيڊين نظام جو احترام يقيني بڻايو وڃي. ڪينيڊين وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪينيڊا ۾ انصاف جو سخت ۽ آزاد نظام موجود آهي، مودي سان ملاقات وقت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو هو، ڀارت هن معاملي تي سنجيدگي سان غور ڪري ۽ احتساب ۽ انصاف جي فراهمي يقيني بنائڻ لاءِ اسان سان گڏجي ڪم ڪري

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here