نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، آمريڪي سيڙپڪارن کي ان مان فائدو کڻڻ گهرجي، پاڪستان خطي جي سمورن ملڪن سان سٺن رابطن جو خواهشمند آهي، والاريل ڪشمير ۾ 2019ع ۾ ڀارتي هڪطرفي قدمن سان خطي کي غيريقيني واري صورتحال درپيش آهي، اليڪشن ڪميشن موجب ايندڙ عام چونڊون جنوري ۾ ٿينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪا جي ناليواري ٿنڪ ٽينڪ ڪائونسل آف فارن ريليشنز کي خطاب ۽ ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان تاريخي لمحن مان گذري رهيو آهي، ايندڙ مهينن ۾ پاڪستاني عوام نئين حڪومت چونڊيندي، نگران حڪومت جو ڪم آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ جي لاءِ معاونت فراهم ڪرڻ آهي، اسان جمهوري اصولن جا پابند آهيون جنهن جو پاڪستان جي آئين ۾ تعين ڪيو ويو آهي، نگران حڪومت جي ڪوشش آهي ته پاڪستان جي عوام کي پنهنجا نمائندا چونڊڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو وڃي، مستحڪم ۽ جمهوري پاڪستان سان آمريڪا جهڙن ملڪن سان اسان جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته گڏيل جمهوري قدرن، انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني پاڪ – آمريڪا پراڻي لاڳاپن جو بنياد آهي، ٻنهي ملڪن جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل موقف آهي، پاڪ – آمريڪا لاڳاپن کي ڪنهن ٻئي ملڪ سان لاڳاپن جي ڏس ۾ نه ٿا ڏسون. هن چيو ته اسان جي گڏيل ايجنڊا سيڪيورٽي تعاون، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، توانائي، موسمياتي تبديلي، زراعت، رابطن، عوام جي سطح تي لاڳاپن ۽ ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا تي ٻڌل آهي، آمريڪا جي تعاون سان ماحولياتي تبديلي، خوراڪ جي عدم تحفظ جي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي آهي، معاشي لاڳاپن جي بحالي لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري فريم ورڪ معاهدي تي عملدرآمد جي شرواعت ٿي آهي، آمريڪا پاڪستان سان شيون برآمد ڪندڙ وڏو ملڪ آهي، گذريل سال پاڪستان جي آمريڪا کي روانگي واپار جو ڪاٿو 8.4 ارب ڊالر رهيو جيڪو آمريڪا جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار آهي، 80 آمريڪي ڪمپنيون پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪري رهيون آهن. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته غيرملڪي سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ آهي، ايس آئي ايف سي جي ذريعي زراعت، کاڻين جي کوٽائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ دفاعي پيداوار جي شعبن تي ڌيان ڏنو ويو آهي، پاڪستاني شاگرد ۽ شاگردياڻيون اسڪالرشپس پروگرامن جي ذريعي آمريڪي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، اسان آمريڪا سان تعليمي شعبي ۾ تعاون ۾ اضافي جي خواهشمند آهيون، 10 لک پاڪستاني آمريڪا ۾ مختلف شعبن ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪري رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته دنيا ۾ وڌندڙ سيڪيورٽي چئلينجز سان مُشڪلاتُون آهن ۽ اسان کي گڏيل خطرا ۽ چئلينجز درپيش آهن، انهن ۾ سرحدي واپار، فوجي تڪرار، دهشتگردي، موسمياتي تبديلي، خوراڪ جو عدم تحفظ، پناهگيرن جي انگ ۾ اضافي، غريبن ۽ اميرن جي وچ ۾ وڌندڙ معاشي فرق ۽ ڪورونا وبا جهڙا چئلينجز شامل آهن، ان سان سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن ۽ اهو عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ خطرو آهي. هن چيو ته نئين چئلينجز جي ڏس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل طور تي متفقه شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل حل ڳولڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ گذريل سال موسمياتي تبديلي جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ آئي، اسان دنيا تي موسمياتي تبديلين جي اثرن کان آگاهه آهيون، پاڪستان جو عالمي گرين هائوس گئسن ۾ حصو هڪ سيڪڙو آهي جڏهن ته اهو موسمياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، پاڪستان ڪاربن جي اخراج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي، پاڪستان جهڙا اسرندڙ ملڪ اڪيلي بار نه ٿا کڻي سگهن، گڏيل ردعمل جي لاءِ موسمياتي انصاف فراهم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪيو ويو جنهن جو مقصد موسمياتي تبديلي کان متاثر ملڪن کي مدد فراهم ڪرڻ هو جڏهن ته پنهنجي گڏيل مستقبل کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران پاڪستان جي مدد تي آمريڪي حڪومت ۽ عوام جڪا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ڪورونا جي ڪري ڪروڙين ماڻهن جون زندگيون متاثر ٿيون. هن چيو ته ٽي ٽي پي ۽ داعش جهڙيون ڪالعدم تنظيمون پاڪستان ۽ پوري دنيا جي امن لاءِ خطرو آهن، اسان کي ان اڀرندڙ نئين خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم چيو ته موجوده افغان حڪومت سان ڪجهه معاملن تي تعاون جي فضا موجود آهي، افغانستان ۾ انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي فوجي قوت سالن تائين موجود رهي، آمريڪا سميت دنيا جون وڏيون فوجي طاقتون 20 سالن تائين افغان سرزمين تي موجود رهيون، پاڪستان ۾ ڏهاڙي بنياد تي اسان جا بهادر فوجي ۽ عوام دهشتگردي جو نشانو بڻجي رهيا آهن، افغانستان ۾ پائيدار امن چاهيون ٿا، جيڪڏهن افغانستان ۾ استحڪام نه آيو ته اهو نه رڳو پاڙيسري ملڪن پر عالمي امن جي لاءِ پڻ چئلينج بڻجي اڀرندو، اسان جي قومي شاعر علامه اقبال افغانستان کي ايشيا جي دل قرار ڏنو هو، جيڪڏهن ڪنهن جسم جي دل خرابي جو شڪار هجي ته اثر پوري جسم تي پون ٿا، افغانستان ۾ هٿياربند گروهه 20 سالن تائين ٻاهرئين اولهندي طاقتن سان وڙهندا رهيا، پاڪستان افغانستان لاڳاپن ۾ بهتري جي حوالي سان پراميد آهيون، دنيا جي سياسي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪنهن به خطي ۾ حالتون هڪ جهڙيون ناهن رهنديون. هن چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۽ آمريڪا جي مفاد ۾ آهي، افغانستان کي عورتن جي حقن، ڇوڪرين جي تعليم ۽ افغان سرزمين پاڙيسري ملڪن جي خلاف دهشتگرد حملن جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ يقيني بڻائڻ جي پنهنجي واعدن کي پورو ڪرڻ گهرجي، پاڪستان سمجهي ٿو ته پاڙيسريت ۾ امن ۽ استحڪام ملڪ جي معاشي ۽ سماجي شعبي جي ترقي لاءِ لازمي آهي، خطي ۽ ان کان ٻاهر سمورن ملڪن سان دوستاڻي لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته پاڪستان جا ماضي ۾ آمريڪا ۽ چين ٻنهي سان سٺا لاڳاپا رهيا آهن ۽ اڳتي به ائين ئي ٿيندو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڀارت سان پرامن لاڳاپن جو خواهشمند آهي جڏهن ته ڀارت کي خلوص جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت 2019ع ۾ هڪطرفا ۽ غيرقانوني قدم کنيا جنهن سان خطي کي خطرناڪ صورتحال درپيش آهي، پاڪستاني عوام کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بي جي پي حڪومت جي قدمن جي ڪري انساني حقن جي سنگين صورتحال ۽ والاريل واديءَ ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي قدمن تي گهري ڳڻتي آهي، ڀارت ۾ وڌندڙ هندوتوا ۽ مسلمانن سميت ٻين اقليتن سان غيرانساني سلوڪ افسوسناڪ آهي. هن چيو ته چڱي طرح خبر آهي ته هندوتوا پاليسي تي عمل پيرا ماڻهو ڪيئن پنهنجي انتهاپسند ارادن کي سياسي رنگ ڏئي رهيا آهن، هندوتوا پاليسي نازي ازم کان متاثر ٿي اختيار ڪئي وئي آهي، هندوتوا پاليسي تحت ڀارت ۾ اقليت خصوصي طور تي نشاني تي آهن، هندوتوا پاليسي سان نه رڳو ڀارتي معاشري پي پوري خطي کي خطرا آهن، ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ جو قتل به هندوتوا پاليسي جي خطي کان ٻاهر اثرن جي عڪاسي آهي، هر مهذب معاشري ۾ اختلاف راءِ بنيادي جز هوندو آهي، ڪنهن به مهذب معاشري ۾ هندوتوا جهڙي پاليسي قابل عمل نه ٿي ٿي سگهي. هن چيو ته عالمي برادري ۽ آمريڪا کان مطالبو آهي ته اهي ڪشمير تڪرار گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، اسان ڏکڻ ايشيا ۾ عدم استحڪام جا خواهشمند نه آهيون. هن چيو ته مضبوط پاڪ – آمريڪا لاڳاپن سان ڏکڻ ايشيا ۽ باقي دنيا ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي، ٻنهي ڌرين پاران مفاهمت، برداشت ۽ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، پاڪستان نئين جمهوري دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا، پاڪستان پرامن ۽ خوشحال دنيا ۽ تڪرارن جي حل لاءِ آمريڪا ۽ ٻين ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڊگهي افغان تڪرار دوران اربين ڊالر خرچ ڪيا ويا، اسان جا افغانستان سان واپاري، ثقافتي سميت ٻين شعبن ۾ لاڳاپا آهن، پاڪستان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ سمورين سياسي پارٽين کي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو حق حاصل آهي، نگران حڪومت جو مينڊيٽ آهي ته آزاداڻي ۽ غيرجانبدراڻي چونڊن جو عمل مڪمل ڪرائي، چونڊيل حڪومت اچڻ تائين نگران حڪومت آئيني حيثيت رکي ٿي، نگران حڪومت جو ڪم آزاد ۽ غيرجانبدار چونڊن جو عمل مڪمل ڪرائڻ آهي، چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن تاريخ ۽ شيڊيول جو اعلان ڪري ٿي، اليڪشن ڪميشن موجب ايندڙ عام چونڊون جنوري ۾ ٿينديون. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گهرا ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف آهي، پاڪستان ۽ چين ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل هوندا آهن، چين مشڪل وقت ۾ پاڪستان ۾ سي پيڪ تحت وڏي سيڙپڪاري ڪئي آهي، چين دنيا جي وڏي معاشي طاقت بڻجڻ وڃي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهي، هو سلامتي ۽ اسٽريٽجڪ معاملن تي ملڪي مفاد ۾ بهترين فيصلو ڪري ٿو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here