راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ٻن ضلعن ۾ سڪيورٽي فورسز پاڪ فوج جي قافلي تي آپگهاتي حملي ۾ ملوث 8 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب اها ڪارروائي ڳجهي اطلاع تي ڪئي وئي، آپريشن دوران 5 دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي به گرفتار ڪيو ويو.آپريشن بنون جي علائقي جاني خيل ۽ اتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل ۾ ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جاني خيل ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.دهشتگرد جاني خيل ۾ فوجي قافلي تي موٽرسائيڪل سوار آپگهاتي حملي جا سهولتڪار هئا. 31 آگسٽ 2023 تي آپگهاتي حملي ۾ 9 فوجي جوان شهيد ٿيا هئا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here