اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن پاران جنوري 2024ع جي آخري هفتي ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته تڪبندين واري ڪم جو جائزو وٺي فيصلو ڪيو ويو، تڪبندين جي ابتدائي فهرست 27 سپٽيمبر تي شايع ڪئي ويندي. پڌرائي موجب، تڪبندين تي اعتراض ۽ تجويزن جي ٻڌڻي کانپوءِ ٽيهه نومبر تي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي.پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حتمي فهرست شايع ٿيڻ جي 54 ڏينهن کانپوءِ جنوري جي آخري هفتي ۾ عام چوندون ڪرايون وينديون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here