نيويارڪ  (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان چيو آهي ته جيڪڏهن ايران ايٽمي طاقت حاصل ڪري ٿو ته پوءِ هو به هٿيار حاصل ڪندا. امريڪي ٽي وي کي انٽرويو ۾ شهزادي محمد بن سلمان جو چوڻ هو ته ايران سعودي سان لاڳاپن جي بحالي لاءِ سنجيدگي سان قدم کڻي رهيو آهي. اسرائيل سان سعودي جي لاڳاپن جي حوالي سان سعودي ولي عهد جو چوڻ هو ته اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ لاءِ اڳڀرائي جاري آهي، هر گذرندي ڏينهن سان گڏ هو ويجها ٿيندا پيا وڃن. هن چيو ته سندن لاءِ فلسطيني معاملو انتهائي اهم آهي، پهريان ان کي حل ڪرڻ چاهين ٿا، ان لاءِ پهريان ڏسڻو پوندو ته ان بابت ڇا ٿي سگھي ٿو. محمد بن سلمان اميد جو اظهار ڪندي چيو ته هو اهڙي مقام تي ضرور پهچندا جتي فلسطينين جي لاءِ زندگي جون ڏکيائيون ڪجهه گھٽ  ٿينديون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here