نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي سربراهه ڪرسٽالينا  جارجيوا چيو آهي ته پاڪستان کي صرف چئي رهيا آهن ته اميرن کان وڌ کان وڌ ٽيڪس وٺو ۽ غريبن کي تحفظ ڏنو وڃي. نيويارڪ ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان ملاقات کانپوءِ آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا جو چوڻ هو ته هيءَ اها ئي ڳالهه آهي جيڪا پاڪستان جو عوام به چاهي ٿو. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سربراهه آءِ ايم آيف سان ملاقات کي تعميري قرار ڏيندي چيو ته ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ۾ معاشي سهڪار ۽ استحڪام جي لاءِ ڪوشش تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته ملاقات دوران ٻنهي طرفن کان اقتصادي استحڪام لاءِ قدم کڻڻ جي عزم کي ورجايو ويو. ٻئي طرف نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي نيويارڪ ۾ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان به ملاقات ٿي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان مان پوليو جي خاتمي ۽ ٻارن جي نشونما سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ قومي پوليو ٽاسڪ فورس ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، اميد آهي ته ملڪ جي هر علائقي مان پوليو جو خاتمو ممڪن بڻجي ويندو. ملاقات دوران بل گيٽس چيو ته پاڪستان مان پوليو جو مڪمل خاتمو سندن اولين ترجيح آهي. هن پوليو وائرس جي منتقلي روڪڻ ۽ خيبرپختونخوا ۾ ويڪسينيشن مهم جاري رکڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here