گھوٽڪي (رپورٽ: عرفان سومرو) خانپور مهر ويجهو پوليس گهر تي ڇاپو هڻي ڳرا هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪري ورتي آهي. پوليس پاران گلزار مهر روڊ تي علي اڪبر سومرو جي گهر تي ڇاپو هنيو پيو. پوليس جو چوڻ هو ته ڪارروائي دوران جوابدار فرار ٿي ويا، گهر مان ڳرا هٿيار ۽ منشيات هٿ آئي. پوليس موجب هٿ آيل هٿيارن ۾ 8 ڪلاشنڪوف، 2 راڪيٽ لانچر ۽ هڪ اينٽي ايئر ڪرافٽ گن شامل آهن. ايس ايس پي اطلاع مليو ته 2 جوابدار هٿيار پشاور کان اڪبر وٽ کڻي آيا. هن چيو ته هٿيارن کي دهشتگردي لاءِ ستعمال ڪيو وڃي ها، پر ان کان اڳ ئي ڪارروائي ڪئي وئي.