راڻيپور (رپورٽ: وحيد شاهاڻي) حيدرآباد جي عدالت راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ قتل ٿي نينگري فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار فياض شاهه جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي. حيدرآباد جي عدالت فياض شاهه جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪئي. عدالت حنا شاهه جي ضمانت تي فيصلو 26 سيپمٽبر تائين محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. گھريلو ملازمه فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾حويلي جي پير  فياض شاه کي نامزد ڪيو ويو هو. فياض شاهه ڪجهه ڏينهن کان منظر عام تان غائب رهڻ بعد گرفتاري کان اڳ ضمانت ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ، جڏهن ته ڪيس ۾  اسد شاهه گرفتار آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here