گھوٽڪي (رپورٽ: عرفان سومرو) گهوٽڪي ۾ وحشي جوابدار پنهنجي امڙ سميت چئن گهر ڀاتين کي قتل ڪري ڇڏيو. آفتاب ڪالوني ۾ نيو غزالي اسڪول ڀرسان جنوني جوابدار عمران ٽڳڙ لوهي اوزار جا وار ڪري  پنهنجي 55 ورهين جي ماءُ مريم، 25 ورهين جي ڀيڻ سميرا زال لياقت ٽڳڙ،  ٻن ڀاڻيجن 6 ورهين جي  آيت ۽ 9 ورهين جي اقرا کي بيدردي سان قتل ڪري عبدي ننڊ سمهاري ڇڏيو. جوابدار هڪ نينگري کي به زخمي ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويو. اطلاع تي اي سيڪشن پوليس پهچي ٻنهي عورتن ۽ نينگرين جا لاش کڻائي اسپتال پهچايا. علائقي واسي جو چوڻ آهي ته جوابدار جو دماغي توازن ٺيڪ ناهي گهر وارن سان وڙهندو رهندو هو، پيءُ کي به گم ڪري ڇڏيو اٿائين جيڪو اڃان تائين غائب آهي. ايس ايڇ او اي سيڪشن قلب عباس سنڌ ٽي وي کي ٻڌايو ته جوابدار پنهنجي ماءُ ڀيڻ ۽ ٻن ڀاڻيجن کي قتل ۽ هڪ ڀاڻيجي کي زخمي ڪري فرار ٿي ويو آهي،  جوابدار جو ذهني توازن ٺيڪ ناهي اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here