نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) ترڪيه صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته گڏيل قومن کي پنهنجي قيام جي مقصدن جي بهتر نموني عڪاسي ڪرڻ گهرجي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي ترڪيه جي صدر چيو ته امن قائم ڪرڻ لاءِ نئين حڪمت عملي ۽ ايجنڊا جي ضرورت آهي. هن چيو ته ترڪيه دنيا ۾ تڪرارن خاتمي ۽ امن کي هٿي ڏيڻ تي يقين رکي ٿو، يوڪرين جنگ کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گھرجي، ترڪيه جنگ جي خاتمي لاءِ سفارتڪاري تيز ڪندو. ترڪيه جي صدر چيو ته جنگ ۾ ڪوبه فاتح ناهي هوندو، امن ۾ ڪير به شڪست ناهي کائيندو، روس ۽ يوڪرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته شام جي صورتحال جي ڪري ترڪيه تي پناهگيرن جو بار آهي، سلامتي ڪائونسل عالمي امن جي ضامن ناهي رهي پر پنج مستقل ميمبر ملڪن جي ميدان جنگ بڻجي وئي آهي. ترڪيه جي صدر وڌيڪ چيو ته زنگورنو ڪارا باخ آذربائيجان جو علائقو آهي، هو فلسطيني عوام جي جائز حقن جي جدوجهد لاءِ سندن حمايت جاري رکندا.