نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) امريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته يوڪرين جنگ جو ذميوار صرف روس آهي. جوبائيڊن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته چيلينجز سان منهن ڏيڻ لاءِ سڀني کي گڏجي هلڻو پوندو، اڪيلو ڪير به وڙهي نٿو سگھي، ڏهاڪن جي ترقيءَ کي عالمي تڪرارن ۽ ڪورونا گھڻو متاثر ڪيو. امريڪي صدر چيو ته گڏيل قومون دنيا ۾ امن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکي،امريڪا هر فورم تي حمايت ڪندو، يو اين جي مختلف منصوبن ۽ شعبن ۾ بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. امريڪي صدر وڌيڪ چيو ته موجوده مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون گهربل آهن، گلوبل وارمنگ کي روڪڻ لاءِ گرين هائوس گيس جي اخراج کي گهٽايو وڃي، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي قائداڻي ڪردار جي ضرورت آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here