نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ايران سان لاڳاپا وڌائڻ چاهي ٿو، بارڊر مارڪيٽ جهڙا قدم سرحدي علائقن جي ترقيءَ لاءِ اهم ثابت ٿيندا. انوار الحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران ايراني صدر ابراهيم رئيسي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، نگران وزيراعظم معاشي سهڪار وڌائڻ تي زور ڀريو.ان موقعي تي ڳالهائيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ايران سان لاڳاپا وڌائڻ چاهي ٿو، اقتصادي سهڪار وڌائڻ جي به خواهش آهي.نگران وزيرعاظم چيوته بارڊر مارڪيٽ جهڙا قدم سرحدي علائقن جي ترقي لاءِ اهم ثابت ٿيندا.ملاقات دوران نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني، منير اڪرم ۽ ٻيا اعليٰ عملدار موجود هئا.نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي جمعي خطاب ڪندو.