شڪارپور/خانپور (نمائندن وٽان) سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو آهي ته ڪچي ۾ رينجرز ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن شروع ڪيو ويندو، جنهن ۾ اهلڪارن کي جديد هٿيار ڏنا ويندا، جلد سنڌ مان ڌاڙيلن جو خاتمو ڪري امن امان بحال ڪرايو ويندو. نگران گهرو وزير حارث نواز ۽ آءِ جي سنڌ رفعت مختار طرفان شڪارپور جي ڪچي واري علائقي جو دورو ڪيو، جنهن دوران ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائيءَ خانپور تعلقي جي ڪوٽ شاهو، ناپر ڪوٽ ۽ ڳڙهي تيغي سميت ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ اچ وڃ جا رستا بند ڪيا ويا آهن. ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو ته ڪچي ۾ رينجرز ۽ پوليس جو گڏيل آپريشن شروع ڪيو ويندو، جنهن ۾ اهلڪارن کي جديد هٿيار ڏنا ويندا. هن چيو ته ڪچي ۾ ڏوهارين کي ڪنهن به سردار يا وڏيري جي حمايت يا سهولت ملي ته انهن ۽ ڏوهارين حق ۾ خبرون هلائيندڙ  ڪوڙن صحافين توڙي مددگارن خلاف ڪارروائي ڪئي  ويندي. سنڌ جي نگران گهرو وزير چيو ته ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي خانپور تعلقي سميت گهوٽڪي، شڪارپور ۽  ڪشمور ضلعن ۾ ڪم ڪيو پيو وڃي، جلد سنڌ مان ڌاڙيلن جو خاتمو ڪري امن امان بحال ڪرايو ويندو. هوڏانهن لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران گهرو وزير چيو ته ڏوهن تي ضابطي ۽ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ ڪچي ۾ آپريشن ڪيو ويندو، سندن ڪو به سياسي مقصد ناهي، ڪوشش آهي ته مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي. هن چيو ته جنهن به سردار جي علائقي مان اغوا جي واردات رپورٽ ٿيندي ان کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو، هاڻي ڪچي ۾ هٿيار نه ويندا. برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو ته ڪشمور، گهوٽڪي ۽ ڪشمور ضلعن ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن  ڪيو ويندو، ڌاڙيلن ۽ سندن مددگارن کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here