لاهور (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري اڳوڻي وزير خواجه آصف چيو آهي ته پنجاب ۾ ليو پلئينگ فيلڊ واري ڳالهه سنڌ لاءِ به چئي سگهجي ٿي، ٻڌو آهي ته  سنڌ جو وڏو وزير هر ڪم پ پ قيادت کان پڇي ڪندو آهي، گڏ هلڻ واري آصف زرداريءَ جي خواهش جو احترام ڪن ٿا. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته نگران حڪومت جو ن ليگ سان ڪو به تعلق ناهي. هن چيو ته پندرهن مهينن دوران اتحادي حڪومت ۾ هو سهڻي نموني گڏ هليا، سندس خواهش آهي  ته پ پ سان اتحاديءَ طور گڏجي اليڪشن وڙهي وڃي. خواجه آصف چيو ته پنجاب ۾ ليول پليئنگ فيلڊ واريون ڳالهيون ٻڌل سڌل آهي، انهن تي يقين نه ڪرڻ گهرجي، هنن به ٻڌو آهي ته سنڌ ۾  مقرريون پ پ جي مرضيءَ سان  ٿينديون آهن. ن ليگ اڳواڻ چيو ته فيلڊ اڃا تيار ئي ناهي ٿي ته ليول ڪٿان ٿيندي، گڏ هلڻ واري آصف زرداريءَ جي خواهش جو هو احترام ڪن ٿا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here