اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي بئنچون جوڙڻ بابت منع نامو ختم ڪري ڪري ڇڏيو ۽ ايڪٽ ۾ شامل ٻين معاملن تي فل ڪورٽ ٻڌڻي 3 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٿي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پهرئين عدالتي ڏينهن تي فل ڪورٽ جي سربراهي ڪئي، سپريم ڪورٽ جي 15 ججن تي ٻڌل فل ڪورٽ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن کي سڌي ريت ٽي وي تي ڏيکاريو ويو. کليل عدالت ۾ ئي چيف جسٽس اڄوڪي ٻڌڻي جو فيصلو لکرايو ۽ حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته درخواست گذارن ۽ اٽارني جنرل کي بئنچ جي سوالن جا جواب ڏيڻا آهن. چيف جسٽس چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ذريعي پيش چئلينجن تي پنهنجي ٻن سينيئر ججن سان مشاورت ڪندس، جسٽس سردار طارق ۽ جسٽس اعجاز الاحسن مڃيو آهي ته اسان پنهنجي طور تي پريڪٽس اينڊ پروسيجر طئي ڪنداسين. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته سڀئي ڌريون 25 سيپٽمبر تائين جواب جمع ڪرائين، عدالت سامهون فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي، درخواستگذارن فل ڪورٽ تي ڪو اعتراض نه ڪيو ۽ سپريم ڪورٽ درخواستن تي فل ڪورٽ جوڙي ڇڏي آهي. چيف جسٽس چيو پنهنجي ساٿي ججن سان صلاح ڪري بئنچ ٺاهي رهيو آهيان، توهان سڀ برو نه مڃيو ته دليل مختصر ۽ گڏيل رکندا ڪيو. سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي بئنچون ٺاهڻ بابت منع نامو ختم ڪري ڇڏيو ۽ ايڪت موجب چيف جسٽس ٻن سينيئر ججن سان مشاورت ڪري بئنچ جوڙيندو. سپريم ڪورٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ شامل ٻين معاملن تي ٻڌڻي جاري رهندي ۽ فل ڪورٽ ٻڌڻي 3 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here