ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي  ۾ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪندي حواله هنڊي ۽ غيرقانوني ڪرنسي ايڪسچينج ۾ ملوث ٽي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ترجمان موجب، ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائيم سرڪل نجي مال ۾ ڪارروائي دوران ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ عبدالله، صديق ۽ مبين شامل آهن جن خلاف جاچ شروع ڪئي وئي. ترجمان موجب، جوابدار  بنا لائسنس ڪرنسي ايڪسيچينج جو  ڪاروبار ڪري رهيا هئا، ٽنهي جوابدارن جي قبضي مان 3200 امريڪي ڊالر، گاڏي،  4 موبائل فونز هٿ ڪيون ويون. ايف آءِ اي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، جلد سندن ٻين ساٿين کي به گرفتار ڪيو ويندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here