اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، 15 رڪني فل بينچ اڄ ٻڌڻي ڪندو. فل ڪورٽ جي سربراهي چيف جسٽس قاضي فائز عيسى ڪندو، جسٽس سردار طارق مسعود، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس سيد منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيحى آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي، جسٽس جمال خان مندو خيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه اي، جسٽس اطهر من الله، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي ۽جسٽس شاهد وحيد فل ڪورٽ جو حصو هوندا.پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي هن وقت تائين 5 ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن، 13 اپريل تي پهرين ٻڌڻي ۾ ئي قانون تي اسٽي آرڊر جاري ڪيو ويو جڏهن ته 2 مئي، 8 مئي، پهرين جون ۽ 8 جون تي به ڪيس ٻڌڻي لاءِ لڳو هو. ايڪٽ تحت پاڻمرادو نوٽيسَ ۽ بيچ جوڙڻ جو اختيار چيف جسٽس کان وٺي ڪري ٽن سينئر ججن تي ٻڌل ڪميٽي کي ڏنو ويو، ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ ۽ سڌيءَ ريت درخواستون وٺڻ جو اختيار به ڪميٽي حوالي ڪيو ويو آهي. قانون موجب پاڻمرادو نوٽيسز جي فيصلن سان متاثر ڌر کي هڪ مهيني اندر اپيل جو حق ڏيڻ ۽ وڪيل تبديل ڪرڻ جي اجازت به ڏني وئي آهي، ايڪٽ ۾ ون ٽائيم پرويزن تحت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني کان علاوه جهانگير ترين کي اپيل جو حق ملي ويو هو.پاڻمرادو نوٽيس جي ڪيس ۾ ماضي جي فيصلن تي به اپيل جو حق ڏنو ويو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here