اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جي تبديلي کانپوءِ سپريم جڊيشل ڪائونسل ۽ جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جا ميمبر به تبديل ڪيا ويا. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اڄ پاڪستان جي 29هين چيف جسٽس جي حيثيت سان پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. جسٽس عمر عطا بنديال جي رٽائرمينٽ کانپوءِ سپريم جڊيشل ڪائونسل ۽ جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي ميمبر به تبديل ڪيا ويا آهن سٽس اعجاز الاحسن سپريم جڊيشل ڪائونسل جو ميمبر بڻجي ويو آهي، جڏهن ته جسٽس سردار طارق اڳ ئي سپريم جڊيشل ڪائونسل جو حصو آهي. واضح رهي ته چيف جسٽس ۽ ٻه سينيئر ترين جج سپريم جڊيشل ڪائونسل جو حصو هوندا آهن. ائين جسٽس منيب اختر ججن جي مقرري لاءِ قائم جڊيشل ڪميشن جو حصو بڻجي ويو آهي، جڏهن ته جسٽس سردار طارق، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منصور علي شاهه اڳ ئي جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو حصو آهن. جڊيشل ڪميشن جو سربراهه به چيف جسٽس هوندو آهي، جڏهن ته ڪميشن ۾ عدالت عظميٰ جا 4 سينيئر ترين جج به رڪن طور شامل هوندا آهن.ڪميشن جي ٻين ميمبرن ۾ هڪ رٽائرڊ جج، قانون وارو وزير، اٽارني جنرل ۽ بار ڪائونسل جو نمائندو شامل هوندو آهي. جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي سطح تي ججن جون مقرريون ڪندي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here