لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ نئين شروعات جي ضرورت آهي، نواز شريف دشمني جي سوچ پاڪستان دشمني ۽ عوام دشمني جي سوچ آهي، ملڪ کي بدلي، ٽڪراءُ ۽ ڏڦيڙ جي سياست مان ڇوٽڪارو ڏيارڻو پوندو. لاهور ۾ پارٽيءَ جي مختلف ونگز جي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف کي الله تعاليٰ سرخرو ڪيو آهي، هاڻي پاڪستان کي سرخرو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته هر ڀيري نواز شريف کي پلس ڪيو آهي، کيس مائنس ڪرڻ جي هر ڪوشش مائنس ٿي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي بغض ۾ عوام کي سزا ڏني وئي، اميد آهي ته اڄ کان عدليه جي ايوانن ۾ انصاف جي واپسي ٿيندي. مريم نواز چيو ته اميد آهي ته نواز شريف ۽ سندس ساٿين کي پراجيڪٽ جي ساٿين جي ناانصافين مان ڇوٽڪارو ملندو. هن چيو ته نواز شريف جي دشمني واري سوچ اصل ۾ پاڪستان دشمني ۽ عوام سان دشمني جي سوچ آهي. مريم نواز چيو ته پاڪستان هاڻي نئين شروعات جي ضرورت آهي، ملڪ کي بدلي، ٽڪراءَ ۽ ڏڦيڙ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻو پوندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here