انقاره (ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته ضرورت پوڻ تي يورپين يونين کان رستا ڌار ڪري سگهون ٿا. غير ملڪي ميڊيا موجب ترڪ صدر جو بيان يورپين جي ميمبر ملڪن طرفان ترڪيه جي ميمبر شپ بابت اعتراضن تي ٻڌل تازي رپورٽ جاري ٿيڻ بعد سامهون آيو آهي. ترڪ صدر رجب طيب اردوان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن يورپين يونين ترڪيا سان لاڳاپا ٽوڙڻ چاهي ٿي ته اهڙين حالتن ۾ پنهنجي حساب سان هو به جائزو وٺندا ۽ ضرورت پوڻ تي پنهنجا رستا الڳ ڪري سگهجن ٿا. گذريل 24 سالن کان ترڪيه يورپين يونين جي ميمبر شپ حاصل ڪرڻ جو خواهش مندر رهيو آهي جڏهن ته صدر هاڻي ان خواهش ۾ گهٽتائي جو اظهار ڪيو آهي. 24رڪني يورپين يونين ۾ ترڪيه جي ميمبر شپ بابت رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته موجوده صورتحال ۾ ترڪيه کي يونين جي ميمبر شپ نه ٿي ڏئي سگهجي جڏهن ته دوستاڻا لاڳاپا برقرار رکڻ لاءِ ڪو حقيقي فريم ورڪ ڳولهي سگهجي ٿو.