اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسى اڄ پنهنجي عهد جو قسم کڻندو، صدر عارف علوي کيس قسم کڻائيندو. ايوان صدر موجب، قسم کڻڻ واري تقريب صبح يارهين وڳي ايوان صدر ۾ ٿيندي جنهن ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، هٿياربند فوجن جا سربراهه، سپريم ڪورٽ جا ججز، مختلف ملڪن جا سفير ۽ ٻيون اهم شخصيتون شرڪت ڪنديون. واضع رهي ته 21 جون تي صدر عارف علوي جسٽس قاضي فائز عيسى جي چيف جسٽس آف پاڪستان مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علويءَ جسٽس قاضي فائز عيسى جي چيف جسٽس طور مقرري آئين جي آرٽيڪل 175 اَيَ 2 تحت ڪئي هئي.