لنڊن (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض ن ليگ ۾ شموليت ڪري ورتي، سندس چوڻ آهي ته ن ليگ چونڊن کان ڀڄڻو هجي ها ته نوازشريف واپس ڏيهه نه اچي ها، هن اليڪشن جي تاريخ پندرهن فيبروري ڏني هئي. راجا رياض لنڊن پهچي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان ملاقات ڪري ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا رياض چيو ته نوازشريف سان ملاقات ۾سياسي ڳالهه ٻولهه ٿي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اهم فيصلا ٿيندا. هن چيو ته هن چونڊن لاءِ 15 فيبروري جي تاريخ ڏني آهي، ان کان هفتو اڳ يا بعد چونڊون ٿي سگهن ٿيون. راجا رياض چيو ته نوازشريف جي شاندار آجيان ٿيندي، ن ليگ پراڻي پارڻي آهي، کين چونڊن کان ڀڄڻو هجي ها ته نوازشريف ڏيهه واپس نه وري ها.