لنڊن(ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي صدر شهبازشريف، نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ وارو سپريم ڪورٽ جو فيصلو افسوس جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي  آءِ حڪومت ٻن ڀيرا نيب  قانون تبديل ڪيو، تڏهن جسٽس بنديال ڪٿي هو؟. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهبازشريف چيو ته سپريم ڪورٽ آمر جو قانون بحال ڪيو، پي ٽي آءِ چيئرمين ٻه ڀيرا  صدارتي آرڊيننس ذريعي نيب قانون تبديل ڪري پنهنجن ساٿين کي رليف ڏنو. هن چيو ته نواز شريف 21 آڪٽوبر تي پاڪستان پهچي رهيو آهي، سندس شاندار آجيان ڪئي ويندي. شهبازشريف چيو ته نوازشريف جي قيادت تي اعتماد ۽ ن  ليگ ۾ شامل ٿيڻ تي هو راجا رياض کي ڀليڪار ڪن ٿا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here