ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ رينجرز جو غيرقانوني هائيڊرنٽس خلاف آپريشن جاري آهي. رينجرز ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ڪراچي جي علائقي  مهراڻ ٽائون اسڪيم 33 گلزار هجري ۾ ٽن غيرقانوني هائيڊرنٽس خلاف آپريشن ڪيو ويو. رينجرز ترجمان موجب، آپريشن دوران هڪ ٽينڪر، هڪ واٽر موٽر، پائيپ جنريٽر، ليپ ٽاپ، پرنٽر ۽ ٻه هزار لٽر ايراني ڊيزل هٿ ڪيو ويو. رينجرز ترجمان موجب، ڪارروائي دوران ٻن جوابدارن محمد حنيف ۽ عبدالرشيد کي حراست ۾ ورتو ويو. رينجرز ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ غيرقانوني هائيڊرنٽس جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here