حيدرآباد (رپورٽ: سني سولنگي) حيدرآباد ۾ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار ٻه شاگرد فوت ٿي ويا جن جا مڙهه سول اسپتال منتقل ڪيا ويا. هالا ناڪه صائمه پلازه وٽ ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ خانگي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ ٻه شاگرد چيڀاٽجي فوت ٿي ويا. فوتين جي سڃاڻپ نوشهروفيروز جي رهواسي حسنين ميمڻ جي نالي طور ٿي جن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا.