اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اڄ امريڪا روانو ٿيندو. انوار الحق ڪاڪڙ 22 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو، نگران وزيراعظم اجلاس جي سائيڊ لائين تي مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو. ميڊيا رپورٽن موجب، نگران وزيراعظم اڄ منجهند ساڍي ٻارهين وڳي خاص اڏام ذريعي اسلام آباد کان امريڪا لاءِ روانو ٿيندو جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.