اسلام آباد (م ڊ) نگران حڪومت به مهانگائيءَ جي ماريل عوام تي پيٽرول بم ڪيرائيندي پيٽرول جي في ليٽر ۾ 26 روپيا، 2 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 17 روپيا 34 پئسا في ليٽر اضافو ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزارت جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، تيل قيمتون گذريل رات ٻارهين وڳي کان پهرين آڪٽوبر تائين برقرار رهنديون. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي في ليٽر ۾ 26 روپيا، 2 پئسا اضافو ڪيو ويو جنهن سان پيٽرول جي نئين قيمت 331 روپيا 38 پئسا ٿي وئي. ڊيزل جي قيمت ۾ 17 روپيا، 34 پئسا في ليٽر اضافي کانپوءِ ڊيزل جو نئون اگهه 329 روپيا 18 پئسا ٿي ويو آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ به 17 روپيا 34 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.