ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ ڦر مزاحمت تي هٿياربندن عورت جو ڳلو ڪپي کيس قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل هٿياربندن ڪارخاني مالڪ نظام الدين جي گهر مان 35 لک رپيا روڪ ۽ ٻيو سامان ڦر ڪئي مزاحمت تي  ڪارخاني مالڪ جي گهر واري جو ڳلو ڪپي کيس قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب، مقتولا جي مڙس گذريل ڏينهن ڪارخاني جون مشيون وڪرو ڪيون هيون، وڪرو ڪيل مشينن جي وڏي رقم گهر ۾ پيل هئي ۽ عورت اڪيلي هئي. پوليس موجب، ڦر دوران مزاحمت هٿياربندن عورت جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا. ٻئي پاسي آءِ جي سنڌ رفعت مختار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي اولهه کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتا ڪري متاثر خاندان کي انصاف جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. ٻئي پاسي قائد آباد ڀرسان هٿياربندن موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. سوئيڊش ڪاليج وٽ هٿياربندن موٽر سائيڪل نه ڏيڻ تي 27 ورهين جي محمد عرفان مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. اطلاع تي پوليس پهچي مقتول نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو جتي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول نوجوان جي ڪجهه مهينا اڳ ئي شادي ٿي هئي، پوليس واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here