لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٻيهر ٿيندو جنهن جي صدارت اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري ڪندا. گذريل ڏينهن ٿيل پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي لاهور ۾ ٿيل اجلاس ۾ سياسي صورتحال ۽ عام چونڊن جي حوالي سان تجويزن تي غور ڪيو ويو. اڄ ٿيندڙ سي اي سي اجلاس ۾ ميمبر ايندڙ چونڊن جي حوالي سان پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندا. اجلاس ۾ نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. گذريل ڏينهن بحث هيٺ آيل نڪتن کي اڄ حتمي شڪل ڏني ويندي، اجلاس ۾ بلاول هائوس لاهور ۾ 3 وڳي ٿيندو جنهن کانپوءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪانفرنس ڪندو.