ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ جي اهم ميچ ۾ سريلنڪا دلچسپ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ايشيا ڪپ 2023ع جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي، فائنل ۾ سريلنڪا جو مقابلو آچر ڏهاڙي ڀارت سان ٿيندو. ايشيا ڪپ 2023 جي سپر فور مرحلي جي اهم ميچ ۾ پاڪستان کٽڻ لاءِ 253 رنسن جو هدف ڏنو جنهنجو سريلنڪا آخري بال تي پورو ڪيو، سريلنڪا طرفان ڪوسل مينڊس 91، سمارا وڪراما 48 ۽ چيرٿ اسلناڪا 49 رنسون ٺاهي نمايا رهيا. پاڪستان طرفان افتخار احمد 3، شاهين آفريدي 2 جڏهن ته شاداب خان هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو، ون ڊي ۾ ڊيبيو ڪندڙ زمان خان، محمد وسيم جونيئر ۽ محمد نواز ڪابه وڪيٽ حاصل نه ڪري سگھيا. ان کان اڳ ڪولمبو ۾ شيڊيول پاڪ-سريلنڪا ميچ برسات سبب دير جو شڪار ٿي، قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم سريلنڪا خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. برسات سبب ميچ متاثر ٿيڻ جي ڪري ٻنهي ٽيمن وچ ۾ مقابلو 45-45 اوورن تائين محدود ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ 28 هين اوور ۾ ٻيهر برسات پوڻ ڪري وڌيڪ ٽي اوور گھٽائي ميچ 42-42 اوورن جي ڪئي وئي. پاڪستان سريلنڪا خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 42 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 252 رنسون ٺاهيون، محمد رضوان 86 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي جڏهن ته عبدالله شفيق ون ڊي ڪيريئر جي پهرين اڌ سينچري اسڪور ڪئي. پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 9 رنسن تي ڪري پئي، فخر زمان 11 بالن تي 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته ٻي وڪيٽ ڪپتان بابر اعظم جي ڪري جيڪو 35 بالن تي 29 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو. عبدالله شفيق 52، افتخار احمد 47، محمد نواز 12، محمد حارث ۽ شاداب خان 3-3 رنسون ٺاهيون. سري لنڪا جي مطيشا پٿرانيا ٽي رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته پرمود مدھوسن 2، مهيش ۽ ڊونٿ ولاج هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.