اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغانستان پاران پنهنجي سر زمين پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيڻ جي خاطري کانپوءِ پاڪستان طرفان اڄ کان طورخم سرحد کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان اختيارين پاڪستاني عملدارن کي خاطري ڪرائي آهي ته سندن سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏني ويندي. ذريعن موجب، افغان اختيارين جي خاطري کانپوءِ پاڪستان طورخم سرحد کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪسٽم اختيارين جو چوڻ آهي ته طورم سرحد اڄ کان واپاري سرگرمين لاءِ کوليو ويندو، امپورٽ، ايڪسپورٽ سميت ٽرانزٽ گاڏين جي اچ وڃ به اڄ کان بحال ٿي ويندي. ڪسٽم اختيارين جو چوڻ آهي ته طورخم 9 ڏينهن کان هجڻ ڪري ٻنهي طرفن کان هزارين مال بردار گاڏيون بيٺل آهن. ايف آءِ اي عملدارن جو چوڻ آهي ته طورخم سرحد پيادل اچ وڃ لاءِ به اڄ صبح کان کلي ويندي . واضع رهي ته 6 سيپٽمبر تي افغان سرزمين تان جارحيت سبب سرحد کي بند ڪيو ويو هو.