لاهور (م ڊ) پيپلزپارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽيءَ صدر عارف علوي جي عام چونڊن لاءِ تجويز ڪيل تاريخ رد ڪري ڇڏي، شازيا مري جو چوڻ آهي ته کين ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اليڪشن جو اعلان ڪير به ڪري کين اليڪشن گهرجي، تڪبديون ڀلي ڪرايون وڃن پر عام چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن، صدر عارف علوي خط ذريعي چونڊن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، صدر طرفان وڪيٽن جي ٻنهي پاسي کيڏڻ تي حيرت تي آهي، سنڌ ۾ بدلين ۽ مقررين تي پابندي آهي، ٻين صوبن ۾ بدليون ٿي رهيون آهن، سنڌ ۾ ترقياتي ڪم روڪڻ تي حيرت آهي. پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال، اليڪشن ۽ صدر طرفان چونڊن جي تاريخ واري تجويز تي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران پ پ جي سي ايِ سي صدر عارف علوي جي عام چونڊن لاءِ تجويز ڪيل تاريخ رد ڪري ڇڏي. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ جي سيڪريٽري اطلاعات شازيا مري چيو ته صدر عارف علوي خط ذريعي چونڊن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، صدر عارف علوي وٽ عام چونڊن لاءِ تاريخ ڏيڻ جو اختيار ناهي. هن چيو ته عام چونڊن جو اعلان ڀلي ڪير به ڪري پر اليڪشن جلد ٿيڻ گهرجي، صدر طرفان وڪيٽن جي ٻنهي پاسي کيڏڻ تي حيرت تي آهي. شازيا مري چيو ته سنڌ ۾ بدلين ۽ مقررين تي پابندي آهي، ٻين صوبن ۾ بدليون ٿي رهيون آهن، سنڌ ۾ ترقياتي ڪم روڪڻ تي حيرت آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here