اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پي ٽي آءِ جي 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار اعتراض ۾ چيو آهي ته درخواستگذار سپريم ڪورٽ ۾ اچڻ کان اڳ لاڳاپيل ڪنهن به فورم سان رابطو نه ڪيو. صدر عارف علوي کي آرٽيڪل 248 موجب درخواست ۾ ڌر نٿو بڻائي سگهجي. درخواست ۾ اهو ناهي ٻڌايو ويو ته درخواستگذار جو ڪهڙو بنيادي حق متاثر ٿيو آهي. ان کان علاوه درخواست ۾ آرٽيڪل 3/184 جون گهرجون پوريون نه ڪيون ويون آهن. ياد رهي ته پي ٽي آءِ بيرسٽر علي ظفر جي حوالي سان درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي. درخواست ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي به استدعا ڪئي وئي هئي.