ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ روڊ ڪناري ڌماڪو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ جي يو آءِ اڳواڻ ۽ پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمدالله سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. تفصيل موجب ڌماڪو حافظ حمدالله جي گاڏي ويجهو ٿيو. حافظ حمدالله منگوچڙ وڃي رهيو هو. ڌماڪي جي اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون. ڌماڪي سبب جي يو آءِ اڳواڻ جي ساٿين ۽ گارڊ سميت 11 ڄڻا زخمي ٿيا آهن جن کي مير بخش رئيساڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن واقعي واري هنڌ کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن. ان حوالي سان جي يو آءِ(ف) جي ترجمان اسلم غوري چيو آهي ته حافظ حمدالله ڌماڪي جي نتيجي ۾ معمولي زخمي ٿيو آهي. ڳڻتي جهڙي ڪابه ڳالهه آهي. ٻئي طرف نگران بلوچستان جي وڏي وزير علي مردان ڊومڪي ۽ صوبائي گهرو وزير زبير جمالي مستونگ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي زخمين جي صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي آهي. زبير جمالي حافظ حمدالله تي حملي جي مذمت ڪندي لاڳاپيل اختيارين کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمان حافظ حمدالله تي ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. مولانا فضل الرحمان حافظ حمدالله سميت ٻين زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي چيو ته دهشتگردي ۾ ملوث عناصر ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته صوبائي نگران حڪومت هن افسوسناڪ واقعي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي. جي يو آءِ اڳواڻن تي چونڊن کان اڳ اهڙي طرح جا حملا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف به بلوچستان ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. اڳوڻي وزيراعظم حافظ حمدالله سميت ٻين زخمين سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي صحتيابي جي دعا ڪئي. شهباز شريف چيو ته دهشتگرد هر محب وطن کي نشانو بنائي رهيا آهن. پورو پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏ آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به مستونگ بم ڌماڪي جي مذمت ڪئي ۽ ڌماڪي ۾ حافظ حمدالله سميت ٻين زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي. هن مطالبو ڪيو ته دهشتگردي ۾ ملوث عناصر ۽ سهولتڪارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو.