اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا جي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ بابت ذيلي ڪميٽي 17 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا جي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي سميت مختلف وزيرن ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اي سي ايل بابت مختلف نوعيت جي ڪيسن جو جائزو ورتو ويو.ڪميٽي 17 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي، اهي نالا مختلف کاتن ۽ ايجنسين طرفان موڪليا ويا هئا.اجلاس ۾ 7 مختلف نوعيت جا ڪيس اي سي ايل مان ڪڍڻ جي سفارش به ڪئي وئي، نظرثاني لاءِ پيش ڪيل اپيلن مان 5 ڄڻن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي سفارش ڪئي وئي.ذيلي ڪميٽي جون سفارشون حتمي منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا کي موڪليون وينديون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here