ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ايندڙ ٻن مهينن لاءِ نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان اڄ ڪندي. وياج جي شرح جي تعين لاءِ مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اهم اجلاس اڄ اسٽيٽ بينڪ ۾ ٿيندو. مانيٽري پاليسي ڪميٽي اقتصادي انگن اکرن جو جائزو وٺي وياج جي شرح جو فيصلو ڪندي، نئين مانيٽري پاليسي اسٽاڪ مارڪيٽ بند ٿيڻ کانپوءِ شام ۾ جاري ڪئي ويندي. معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته نئين مانيٽري پاليسي ۾ وياج جي شرح ۾ هڪ کان 2 سيڪڙو واڌ ٿي سگھي ٿي.