اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته تڪبنديون به آئيني ۽ چونڊ عمل جو حصو آهن، اليڪشن ڪميشن جلد چونڊن جي مناسب تاريخ جو اعلان ڪندي. نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته نگران حڪومت عام چونڊن لاءِ تيار آهي، بنيادي اختيار اليڪشن ڪميشن جو آهي، صدر تاريخ تجويز ڪئي آهي، اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ ان جو سنجيدگيءَ سان جائزو وٺندي. هن چيو ته سندن ڪردار اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ، چونڊن لاءِ فنڊز، امن امان لاءِ مقرري ۽ چونڊ عمل جي سيڪيورٽي مڪمل ڪرڻ آهي. نگران وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن هو تحريڪ انصاف ۾ هجي ها ته سندس پهريون جملو 9 مئي جي واقعن جي مذمت هجي ها. انوار الحق ڪاڪڙ وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت جو ڪم قانون تي عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ آهي، ائين ناهي جو هـُو مغل بادشاهه وانگر حڪم جاري ڪري ته پي ٽي آءِ سياست ۾ حصو وٺي سگھي ٿي يا نه، جيڪو به ٿيندو قانون موجب ٿيندو، فيصلي کانپوءِ به اپيلٽ اٿارٽي موجود هونديون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here