اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته جڏهن ته آئين ۾ نوي ڏينهن لکيل آهي ته ان تي تڪرار ڇو ؟، دعا آهي ته اعلى اختياريون آئين موجب معاملا طئي ڪن. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي رٽائرمينٽ تي سندس اعزاز ۾ سپريم ڪورٽ بار طرفان آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هائيڪورٽس جي ججن کان علاوه وڪيلن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي عمر عطا بنديال چيو ته اڄ سندس الوداعي تقريب آهي، هاڻي وڪيلن سان اهو تعلق نه رهندو جيڪو هن وقت تائين هو. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۽ هائيڪورٽس جو ڪم آئين جي پاسداري ۽ تحفظ ڪرڻ آهي، سندس ڪوشش هئي ته التوى پيل ڪيس گھٽ ٿين، گڏيل ڪوششن سان 2 هزار ڪيس گھٽايا. چيف جسٽس چيو ته آئيني اصولن تي عدالت ۾ سڀني جي راءِ تي ڪو تضادناهي، ججن جو پاڻ ۾ اختلاف صرف هن حد تائين آهي ته آئيني ڪيس سڌيءَ ريت سپريم ڪورٽ اچڻ گھرجن يا نه، جيڪڏهن ايتري شاندار وڪالت نه ڪئي وڃي ها ته هو ڪڏهن به اهڙا فيصلا نه ڪري سگھن ها. چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته آئيني معاملن تي ٻڌڻي ۾ ڪجهه قدر سامهون آيا، فيصلا ڪنهن جج جا نه پر بينچ جا هوندا آهن، سندن جي فيصلن کي ساراهيو به ويو، ساٿ ڏيندڙ دوستن جو ٿورائتو آهي. تقريب جي آخر ۾ عمر عطا بنديال چيو ته اڄ خطاب نه پر صرف اهو چوندو ته ” گڊ ٽو سي يو“.آجياڻي جي تقريب کي خطاب ڪندي سپريم ڪورٽ بار ايسوسئيشن جي صدر عابد زبيري چيو ته 22 ڪروڙ عوام کي عدليه ۽ عوام مان اميدون آهن، چيف جسٽس مقرري دوران تمام گھڻن چيليجنز کي منهن ڏنو.