سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي ضلعي اسلام آباد ۾ قابض ڀارتي فوج تي حملي ۾ ڀارتي فوج جو ڪرنل، ميجر ۽ پوليس جو ڊي ايس پي مارجي ويا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب حملو اربع جي صبح جو  ان وقت ڪيو ويو جڏهن ڀارتي فورسز جي اهلڪارن گڊول، ڪوڪرناگ جي علائقي کي ڪڙو چاڙهي گهر گهر تلاشي جي گڏيل ڪارروائي ڪئي. حملي ۾ ڪرنل من پريت سنگهه ميجر اشيش ۽ ڊي ايس پي همايون ڀـَٽُ موقعي تي ئي مارجي ويا. ڪشميري ميڊيا سروس   ضلعي راجوڙي ۾ هڪ وڌيڪ ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪيو ويو، قابض ڀارتي فوج ڪشميري نوجوان کي تلاشي جي آڙ ۾ شهيد ڪيو ويو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here