واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مـَيٿوِ مـِلر چيو آهي ته پاڪستان ۾ آزاد، شفاف ۽ وقت سر چونڊون ٿيڻ گهرجن، واشگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته هو پاڪستاني اختيارين تي زور ڏين ٿا ته چونڊ عمل کي پاڪستان جي قانون موجب اڳتي وڌايو وڃي. امريڪي ترجمان چيو ته انساني حقن، بنيادي آزادين ۽ قانون جي حڪمرانيءَ جو احترام ڪيو وڃي. امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر وڌيڪ چيو ته پاڪستان امريڪا جو اهم پارٽنر آهي، عوامي ۽ حڪومتي سطح تي پاڪ-امريڪا لاڳاپن جو قدر ڪن ٿا. ٻئي پاسي افغانستان لاءِ مقرر نمائندي ٿامس ويسٽ جو چوڻ هو ته تحريڪ طالبان پاڪستان علائقائي سلامتي لاءِ وڏو خطرو بڻجي وئي آهي. واشنگٽن ۾ ٿنڪ ٽينڪ کي خطاب ڪندي ٿامس ويسٽ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ٽي ٽي پي جي حملن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، ٽي ٽي پي ۽ طالبان وچ ۾ لاڳاپا ڪافي مضبوط آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here