اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي طرفان چونڊن جي تاريخ تجويز ڪرڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر اهم مشاورتي اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا اجلاس جو وقت اڃا تائين طئي ناهي ڪيو، اجلاس ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي خط جو جائزو ورتو ويندو. اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي قانوني ٽيم صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي تجويز تي قانوني بريفنگ ۽ ماهر راءِ ڏيندا، اجلاس ۾ چارئي ميمبر ۽ لاڳاپيل ونگ جا ميمبر به شرڪت ڪندا. ذريعن موجب، مشاورت کانپوءِ اليڪشن ڪميشن طرفان صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي عام چونڊن بابت ڏنل تجويز جو جواب ڏيندو.