اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 26 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. پي ٽي آءِ چيئرمين جي خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اٽڪ جيل ۾ ان ڪيمرا ٿي، خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين 14 ڏينهن جو جوڊيشل ريمانڊ پورو ٿيڻ تي عمران خان جي خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي تحت ڪئي. عمران خان جي ليگل ٽيم جي 9 وڪيلن کي اٽڪ جيل وڃڻ جي اجازت ڏني وئي هئي جڏهن ته جاچ ڪندڙ ايف آءِ اي جي ٽيم به اٽڪ جيل پهتي. جج ابوالحسنات سائفر ڪيس ۾تحريڪ انصاف چيئرمين جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 26 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. عمران خان جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ خصوصي عدالت جو جج ابوالحسنات ذوالقرنين اسلام آباد جي لاءِ روانو ٿي ويو جتي هن پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي ڪيس جي به ٻڌڻي ڪئي.