گلگت (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ ۾ هڪ قوم، هڪ قانون ۽ رڳو پاڪستان جي نعري جي گنجائش آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنهن ٻئي مان ڪا اميد، خوش فهمي يا غلط فهمي آهي ته اهي ختم ڪري ڇڏين، گلگت بلتستان جي عوام جا مسئلا قانون جي عملداري ۽ آئيني طريقي سان ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، ڪجهه عنصرن کي سڄي معاشري کي يرغمال بڻائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، حڪمت ۽ همت سان غلط فهمين جو خاتمو آندو ويندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت ۾ دل جي مرض جي اسپتال ۾ او پي ڊي جي افتتاح کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان جي ماڻهن وڏي محبت سان اسان جو استقبال ڪيو، عوام پاران جنهن پنهنجائپ جو اظهار ڪيو ان کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس. گلگت بلتستان مختلف رنگ ۽ نسل جي ماڻهن جو گلدستو آهي، هڪ ٻئي جي حقن کي برابر تسليم ڪرڻ معاشري جو بنياد آهي، قائداعظم جي پاڪستان جي لاءِ جيڪو ويزن هو، ان جو عملي نمونو اسان کي گلگت بلتستان ۾ نظر اچي ٿو، هڪ ٻئي کان مختلف موقف رکڻ جي باوجود گڏجي زندگي گذارڻ انسانيت جي معراج آهي، هڪ ٻئي جي حقن جو احترام ضروري آهي، حقن کي لاڳو ڪرڻ جي ذميواري رياست جي ذميواري آهي، ان کي بهتر طريقي سان نڀائينداسين. نگران وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان جي عوام لاءِ اهو ئي پيغام کڻي آيو آهيان ته اسان کي هڪ ٻئي جي حقن جو احترام ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪير اهو سمجهي ٿو ته هتي موجود ڀائيچاري کي نقصان پهچائي سگهي ٿو ته اها ان جي وڏي غلط فهمي آهي، هو پنهنجي غلط فهمي ختم ڪري، جيڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري ڪي غلط فهميون پيدا ٿيون آهن ته حڪمت ۽ همت سان انهن کي ختم ڪيو ويندو. هن چيو ته گلگت بلتستان جي ماڻهن جا حوصلا جبلن وانگر بلند آهن. گلگت بلتستان جي ماڻهن جي وچ ۾ جيڪا محبت ڏٺي وڃي ٿي ان جي ڪري سڄي دنيا جا سياح هن علائقي ۾ اچن ٿا. نگران وزيراعظم چيو ته هتان جا آئيني معاملا آهن، انهن تي به گورنر، وڏي وزير، ڪابينا جي ميمبرن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. گلگت بلتستان جا مسئلا هر ممڪن حد تائين حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته جيئن هتان جا ماڻهو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن ۽ هڪ پروقار زندگي گذارين ۽ انهن جي سڃاڻپ جي حوالي سان جيڪي سوال آهن انهن جا به جلد آئيني جواب ملي ويندا، ان حوالي سان وفاقي حڪومت جيڪو ڪجهه ڪري سگهي ٿي اهو ڪندي. نگران وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت، معدنيات، توانائي سميت ٻين اقتصادي موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي تي ڪم ڪيو ويندو. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ روڊن جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ وفاقي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪجهه عنصرن کي سڄي معاشري کي يرغمال بڻائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، سپريم ايپليٽ ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري بابت هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ان حوالي سان جلد خوشخبري ٻڌائينداسين، مقررين جي لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪا ٻولي نه لڳندي، اسان ٻوليون لڳائڻ نه ٻولين جو خاتمو ڪرڻ آيا آهيون. قراقرم يونيورسٽي جي مالي معاملن کي حل ڪيو ويندو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي اندر رڳو پاڪستان جا انٽيليجنس ادارا ئي ڪم ڪري سگهن ٿا، ان کانسواءِ ڪنهن به اداري جي گنجائش نه آهي، پاڪستان ۾ رڳو هڪ قوم، هڪ قانون ۽ صرف پاڪستان جي نعري جي گنجائش آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنهن ٻئي مان اميد، خوش فهمي يا غلط فهمي آهي ته اها ختم ڪري ڇڏين. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته گلگت ۾ پي ٽي وي جي بيورو آفيس جي قيام ۽ پي ٽي وي تي شينا ۽ بلتي زبان ۾ ٽاڪ شوز شروع ڪرڻ جي لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن هتان جي سياحتي، معاشي ۽ ٻين مسئلن کي اجاگر ڪيو وڃي.